ميان عدر سلطان جو مقبرو

ميان عدر سلطان جو مقبرو

عدر سلطان ميان

عدُر سلطان، ميان: مشهور بزرگ ميان عدُر سلطان جو اصل نالو مخدوم عبدالرحمان آهي. سندس خانداني لکت موجب، پاڻ هاشمي قريشي قبيلي سان تعلق رکي ٿو. سندس نسب جو سلسلو حضور پاڪ صه جن جي صحابي حارث رضه سان ملي ٿو. پاڻ 1013هه/ 1604ع ڌاري ثمرقند بخارا کان ملتان آيو، جتان پوءِ سنڌ جو رخ ڪيائين ۽ هالا ۾ وقت جي تمام وڏي بزرگ حضرت مخدوم نوح سرور رح وٽ آيو. جتي عبادت ۾ رياضت ۾ مشغول رهندي. مخدوم نوح رح جي خاص مريدن ۾ شامل ٿي ويو. پاڻ اهل الله ۽ عبادتگذار بزرگ هو. کيس سندس مرشد مخدوم نوح رح دعا ڏئي، نوشهري فيروز جي اوڀر طرف وڃي رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس چيائين ته، “نوشهري کان اورئين پاسي ميون ۽ پرئين پاسي پير سڏبين.” پوءِ مرشد جي حڪم مطابق سڄي زندگي نوشهري فيروز ۾ رهيو ۽ دين جو پرچار ڪندو رهيو. مخدوم عبدالرحمان عرف عدُر سلطان 1108هه/ 1696ع ڌاري وفات ڪئي. کيس نوشهري ڀرسان دفنايو ويو، جيڪو قبرستان به سندس نالي ‘عدُر سلطان’ سان سڏجي ٿو. ليکڪ اي. ڪي. سيد، ڪتاب ‘نوشهرو فيروز: تاريخ جي آئيني ۾’ ۾ شامل پنهنجي مضمون ۾ نوشهري فيروز جي قبرستانن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “هن شهر جو سڀ کان وڏو قبرستان ميان عدر سلطان جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جو پورو نالو مخدوم عبدالرحمان آهي. قبرستان ايراضيءَ جي لحاظ کان ڪافي وڏو آهي.” سندس مقبرو به هن قبرستان ۾ آهي، جيڪا نئين اڏاوت لڳي ٿي. ڪنهن زماني ۾ سندس قبر جي مٿان ڪچو حجرو ٺهيل هو. جيڪو 10 فوٽ ڊگهو ۽ 10 فوٽ ويڪرو هو. ان حجري جو در ڪنڊائين ونگ سان ٺهيل هو. ان حجري جي اوچائي 7 فوٽ هئي. جڏهن ته ڀتين جي ويڪر ساڍا ٽي فوٽ هئي. اهڙا نشان ملن ٿا ته سندس مقبري جي مٿان گنبذ اڏيل هو، جيڪو به پوئين دور ۾ ڊهي ويو هو، پر هاڻي نئين اڏاوت ڪئي وئي آهي. ميان عدُر جا پونير نوشهري فيروز ۾ رهائش پذير آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو